متحدا پاران شهريت ايڪٽ ۾ ترميم آئيني ڍانچي خلاف آهي: زين شاهه

ڪراچي(پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ درياءَ سنڌ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاهه چيو آهي ته پارٽي پاڪستان سٽيزن شپ ايڪٽ 1951 ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ايم اين اي خواجه اظهار جي پيش ڪيل ترميم کي رد ڪري ٿي، ۽ ان غير آئيني تجويز جي سخت مذمت ڪري ٿي جنهن تحت 1982 کان اڳ پاڪستان آيل ماڻهن کي شهريت ڏيڻ جو چيو ويو آهي. زين شاهه چيو ته اها ترميم نه فقط آئيني ۽ قانوني ڍانچي جي خلاف آهي پر ان سان غير قانوني پرڏيهين کي قانوني تحفظ ملي ويندو، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ لکين غير قانوني پرڏيهي رهائش پذير آهن، جيڪي نه فقط وسيلن تي بار آهن پر امن امان، دهشتگردي، منشيات ۽ ٻين ڏوهن سان به لاڳاپيل رهيا آهن. هن زور ڀريو ته اهڙن ماڻهن کي شهريت ڏيڻ ملڪ جي سيڪيورٽي مفادن جي خلاف آهي. سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جيڪا اصل سنڌين کي اقليت ۾ بدلائڻ جي ڪوشش آهي، ۽ سنڌ جا ماڻهو اهڙين حرڪتن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا. زين شاهه مطالبو ڪيو ته پاڪستان سٽيزن شپ ايڪٽ 1951 کي پنهنجي اصل شڪل ۾ برقرار رکيو وڃي ۽ سختي سان ان تي عملدرآمد ڪيو وڃي. هن چيو ته افغانستان ۽ ٻين ملڪن ۾ هاڻي امن قائم ٿي چڪو آهي، ان ڪري سڀني غير ملڪي ماڻهن کي باعزت نموني واپس موڪليو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.