ٺري ميرواهه جي صحافي جي قتل خلاف احتجاج، سندس دوست سميت 4 جوابدار گرفتار

ٺري ميرواهه (رپورٽ: ايم صالح بلوچ) ٺري ميرواهه ۾ خانگي ٽي وي جي رپورٽر اي ڊي عرف الله ڏنو شر کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪيو ويو. پريس ڪلب جي سينيئر صحافي اي ڊي شر کي رات دير سان قتلڪيو ويو هو جنهن جو لاش ٺري ميرواهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي آباد ويجهو هٿ آيو. پوليس پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته شروعاتي جاچ دوران سندس دوست نياز دستي عرف بادامي کي گرفتار ڪيو ويو. مقتول صحافي جي گهرواري، ماءُ نظيران ۽ ڀيڻ حسينا سميت ٻين عورتن پاڪ ڪتاب کڻي هنڊياري شهر بند ڪرائي ڇڏيو ۽ پوءِ ٺري ميرواهه ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو ويو. بعد ۾ مقتول صحافي جو لاش مهراڻ هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب سوين گاڏيون بيهجي ويون. احتجاج ڪندڙ سندس وارثن، ضلعي جي صحافي تنظيمن جي اڳواڻن سميت شهرين جو چوڻ هو ته جيستائين قاتل گرفتار نه ڪيا ويندا، تيستائين احتجاجي ڌرڻو جاري رکيو ويندو. هنن وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ اعليٰ عهديدارن کان جوابدارن جي گرفتاري جي گهر ڪئي، مظاهرين پاران ڌرڻو 6 ڪلاڪن تائين جاري رهيو. ڊي ايس پي سعيد احمد ڀيو پهچي مظاهرين کي خاطري ڪرائي جنهن کانپوءِ نيشنل هاءِ وي تان ڌرڻو ختم ڪيو ويو.  بيدردي سان قتل ڪيل صحافي اي ڊي شر جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ صحافتي تنظيمن، سول سوسائٽي ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. کيس ڳوٺ رسولپور ۾ اباڻ قبرستان ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو. پوليس شڪ جي بنياد تي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب جوابدار ڪيترا به بااثر هجن قانون جي پڪڙ کان بچي نه سگهندا، موبائيل فون کي پڻ ٽريس ڪيو پيو وڃي، ايس ايڇ او ميرواهه ديدار ابڙي موجب جلد سمورا جوابدار گرفتار ڪيا ويندا ۽ وارثن جي چوڻ موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو. پوليس ٻڌايو ته جوابدار نياز بادامي جي نشاندهي تي قتل ۾ استعمال ٿيل ڇري هٿ ڪئي وئي آهي ۽ ٻيا 3 جوابدار به گرفتار ڪيا آهن.

وارثن جو بااثر تي قتل جو الزام، ڌمڪين واري وڊيو وائرل

ٺري ميرواهه: مقتول صحافي اي ڊي شر جي وارثن چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن اڳ بااثر کيس فون تي ڌمڪيون ڏنيون هيون ۽ جوابدار بااثر آهن جن پيسا ڏئي کيس قتل ڪرايو آهي. بااثر منصور اعواڻ پاران ڪجهه ڏينهن اڳ اي ڊي شر کي ڏنل ڌمڪين واري وڊيو پڻ گردش ڪري رهي آهي جنهن بابت وارث الزام هڻي رهيا آهن ته بااثر نياز بادامي کي پيسا ڏئي صحافي کي قتل ڪرايو.

صحافي جي قتل خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، سوڳ جو اعلان

خيرپور/پريالوءِ/ميرپورماٿيلو (نمائندن وٽان) ٺري ميرواهه ۾ صحافي الله ڏنو عرف اي ڊي شر جي بي دردي سان قتل ٿيڻ ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. خيرپور پريس ڪلب آڏو خان محمد خان، غلام قادر سومرو، ثناءُ الله ميمڻ، مختيار ڦلپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٺري ميرواهه ۾ گذريل رات نامعلوم هٿياربندن صحافي اي ڊي شر کي بيدردي سان قتل ڪيو. اي ڊي شر هميشه حق سچ ۽ مظلومن جي آواز بڻيو، جنهن کي قتل ڪرڻ سان سچ جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. پريالوءِ پريس ڪلب سامهون به صحافين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرن ٽن ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو. صحافين جو چوڻ هو ته صحافي اي ڊي شر کي بي دردي سان قتل ڪرڻ صحافتي آزادي تي سڌو حملو آهي. ميرپورماٿيلو ۾ صحافي اي ڊي شر جي قتل جي مذمت ڪندي صحافين ۽ سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. صحافي لطيف لغاري، اياز کهاوڙ ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ صحافين جو قتل عام ڪيو پيو وڃي، جنهن جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي. صحافين مطالبو ڪيو ته اي ڊي شر جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

صحافي جي قتل واري واقعي جي جاچ لاءِ ٽيم قائم

خيرپور (رپورٽ: عبدالمتين مهر) خانگي ٽي وي چينل سان لاڳاپيل صحافي اي ڊي شر جي قتل واري واقعي کانپوءِ ضلعي ۾ سوڳ جي لهر ڇائنجي وئي. ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومري نوٽيس وٺندي ماهر آفيسرن تي ٻڌل جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي. ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سکر رينج ڪيپٽن رٽائرڊ فيصل عبدالله چاچڙ پڻ واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي خيرپور کي حڪم ڏنو ته جاچ ڪري اصل ڏوهارين کي قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.