سنڌ اسيمبلي اسپيڪر جو سينيٽر تاج حيدر جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

ڪراچي (پ ر) سنڌ اسيمبلي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه، سينيٽر تاج حيدر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ سيد اويس قادر شاهه چيو ته مرحوم تاج حيدر پيپلز پارٽي ۽ وفاق جي مضبوط سڃاڻپ هو، هو هر آمراڻي دور ۾ ثابت قدم رهيو ۽ جدوجهد ڪئي.
هن چيو ته تاج حيدر قائد عوام جي نظريي سان مڪمل وفاداريءَ سان وابسته رهيو، جمهوريت ۽ قومي يڪجهتي لاءِ سندس خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن.
سيد اويس قادر شاهه چيو ته تاج حيدر جي لاڏاڻي سان پارٽي هڪ مخلص اڳواڻ کان محروم ٿي وئي، مرحوم جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيان ٿو، الله پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.