اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪوٽا ڪيس ٻڌندڙ لارجر بئنچ تبديل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بئنچ تبديلي جو هڪ ٻيو معاملو سامهون آيو آهي.
جسٽس محسن اختر ڪياني جي سربراهي ۾ ڪوٽا ڪيسز ٻڌندڙ لارجر بئنچ تبديل ڪئي وئي آهي، جسٽس بابر ستار ۽ جسٽس اعجاز اسحاق به لارجر بئنچ جو حصو هئا.
لارجر بئنچ ڇهه مارچ تي آخري ٻڌڻي ڪئي هئي جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي ڏهه اپريل تي مقرر هئي.
هاءِ ڪورٽ ويب سائيٽ موجب، نئين بئنچ قائم مقام چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي سربراهي ۾ قائم ڪئي وئي آهي جڏهن ته جسٽس خادم حسين سومرو ۽ جسٽس انعام امين منهاس به بئنچ جو حصو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.