سمٿ جو بيٽنگ اسٽائيل ڪاپي ڪرڻ جا مهڻا، ڪامران غلام خاموشي ٽوڙي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽر ڪامران غلام چيو آهي ته ماڻهو چون ٿا ته مان اسٽيو سمٿ جي نقل ڪندو آهيان، پر حقيقت ۾ منهنجو شروع کان ئي اِهو اسٽائيل رهيو آهي.
پاڪستان سپر ليگ ۾ ملتان سلطانز جي نمائندگي ڪندڙ ڪامران غلام ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو پي ايس ايل جي ڏهين ايڊيشن لاءِ پرجوش آهي ۽ ٽيم جو مورال پڻ بلند آهي.
هن چيو ته مان پي ايس ايل ۾ نه رڳو ذاتي سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ چاهيان ٿو، پر پنهنجي ٽيم کي به ڪاميابي ڏيارڻ چاهيان ٿو.
سندس چوڻ هو ته علائقائي ڪرڪيٽ ۾ جيڪو رانديگر مسلسل پرفارم ڪندو آهي، ان لاءِ عالمي سطح تي پاڻ مڃائڻ ۾ ڪو مسئلو ناهي.
ڪامران غلام جو چوڻ هو ته پي ايس ايل جي ميچن دوران مداحن جو وڏو انگ اسٽيڊيم جو رخ ڪندو آهي، ماڻهو سڄو سال ٽورنامينٽ جو انتظار ڪندا آهن.
هن چيو ته ماڻهو چوندا آهن ته مان آسٽريليا جي اسٽار بيٽر اسٽيو سمٿ جي بيٽنگ اسٽائيل جي نقل ڪندو آهيان، پر جن ماڻهن مون سان شروعاتي ڏينهن کان ڪرڪيٽ کيڏي آهي، اُهي ڄاڻن ٿا ته مون جو انداز شروع کان ئي اهڙو رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.