رياست مخالف پروپيگينڊا: 20 پي ٽي آءِ اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي ناڪاري پروپيگينڊا واري معاملي تي جاچ ۾ سهڪار نه ڪرڻ تي پي ٽي آءِ جي 20 اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، جي آءِ ٽي ۾ سوشل ميڊيا تي ادارن خلاف هلندڙ ناڪاري مهم جي جاچ جاري آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻن ڪيئي نوٽيس باوجود جي آءِ ٽي ۾ پيش نه ٿيا، جنهن سبب جاچ ۾ سهڪار نه ڪرڻ تي گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن اڳواڻن ۾ وقاص اڪرم، حماد اظهر، ذلفي بخاري، عون عباس، ميان اسلم، فردوس شميم، تيمور سليم، جبران الياس، خالد خورشيد، شهباز گل، اظهر مشواني ۽ ٻيا شامل آهن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.