گرميءَ جي شدت ۾ واڌ، اونهاري جي موڪلن بابت اهم خبر اچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ گرمي جي شدت هوريان هوريان وڌي رهي آهي، ان سلسلي ۾ پي ڊي ايم اي پنجاب اونهاري جي موڪلن بابت تجويز ڏني آهي.
ترجمان موجب، سخت گرميءَ سبب هيٽ ويو جي خطر کي نظر ۾ رکندي پي ڊي ايم اي( پنجاب) طرفان تعليم کاتي، هائرايجوڪيشن ۽ صوبي جي سمورن ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي خط لکيو ويو آهي.
پي ڊي ايم اي ڊائريڪٽر
عرفان علي ڪاٺيا طرفان مختلف کاتن ڏانهن موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته اسڪولن جي وقتن ۾ ڦيرڦار ۽ وڌيڪ گرميءَ جي صورت ۾ اونهاري جون موڪلن جو جلد اعلان ڪيو وڃي.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سخت گرميءَ دوران اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ بنا وقفي جي صاف ۽ ٿڌي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ٻارن کي واضح هدايتون ڏنيون وڃن ته هلڪا، نرم ڪپڙا پهرن ۽ عارضي طور آئوٽ ڊور سرگرمين تي ترت پابندي مڙهي وڃي.
ان کانسواءِ ڪلاس رومز جي وينٽيليشن، پکن ۽ ڪولنگ سسٽم کي به فعال رکڻ جو چيو ويو آهي.
پي ڊي ايم اي پنهنجي خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ته اسڪولن ۾ شروعاتي امداد ڪائونٽر قائم ڪيا وڃن ۽ هيٽ ويو بابت تربيت سکيا ورتل عملو ڊيوٽي تي مقرر ڪيو وڃي، ڊسٽرڪٽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز سان گڏ مسلسل رابطو قائم ڪيو وڃي ته جيئن وقت سر معلومات پهچائي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.