سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جا امتحان جاري، پرچا وقت کان اڳ آئوٽ، تعليمي بورڊ ڪاپي روڪرائڻ ۾ ناڪام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليمي بورڊز نائين ۽ ڏهين جي امتحانن ۾ ڪاپي نه روڪرائي سگهي، بورڊن طرفان امتحانن دوران قلم 144 لاڳو ٿيڻ باوجود ڪاپي روڪڻ لاءِ جوڳا قدم نه کنيا ويا .
تعليمي بورڊ شهيد بينظير آباد تحت ٿيندڙ نائين ۽ ڏهين جماعت جا امتحان مذاق بڻجي ويا، اڄ ٿيندڙ ڏهين جماعت جي ڪيمسٽري ۽ جنرل سائنس جا پيپر به وقت کان اڳ آئوٽ ٿي مختلف واٽس ايپ گروپن تي وائرل ٿي ويا.
شاگردن کي واٽس ايپ گروپن ذريعي حل ٿيل پرچو پنج سئو رپين ۾ ملڻ لڳو، امتحاني مرڪزن ۾ شاگرد موبائل فون ذريعي پرچو حل ڪندا رهيا.
شهيد بينظير آباد تعليمي بورڊ جون ڇاپا مار ٽيمون منظرنامي تان غائب رهيون، امتحاني مرڪزن جي ٻاهران اڻڄاتل ماڻهن جا هجوم نظر اچڻ لڳا.
ان کانسواءِ اوٻاوڙو ۾ سکر بورڊ جي انتظام هيٺ ٿيندڙ نائين جماعت جو فزڪس جو پرچو وقت کان اڳ ئي آئوٽ ٿي ويو.
هوڏانهن لاڙڪاڻي جي مختلف امتحاني سينٽرن ۾ ڏهين جماعت جو انگلش جو پيپر شروع ٿيندي آئوٽ ٿي ويو ۽ شاگرد واٽس ايپ ذريعي حل ٿل پرچي تان ڪاپي ڪندا رهيا.
ذريعن موجب، پيپر دوران امتحاني سينٽرن ۾ سرعام نقل جو سلسلو جاري آهي، اميدوار موبائل فونز ۽ ٻاهران موڪليل مواد جي مدد سان ڪاپي ڪندا رهيا، حل ٿيل پيپر واٽس ايپ ذريعي ۽ پٽيوالا امتحاني سينٽر جي اندر پهچائڻ لڳا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.