ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو وري هزارين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 3 هزار رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 21 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي طرح ڏهه گرام سون 2 هزار 572 رپيا واڌ بعد 2 لک 75 هزار 205 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون جي قيمت 30 ڊالر اضافي سان 3 هزار 40 ڊالرز ٿي وئي آهي.
You might also like