اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حيدرآباد-سکر موٽروي جو ڪم جلد شروع ڪيو ويندو.
وزيراعظم شهباز شريف، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي هڪ خط لکي حيدرآباد-سکر موٽرو جي تعمير بابت آگاهه ڪيو.
شهباز شريف پنهنجي خط ۾ چيو ته موٽروي رٿا بابت سنڌ جي خدشا جائز آهن ۽ هن جي ذاتي دلچسپي آهي ته سکر حيدرآباد موٽروي جو ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته حيدرآباد-سکر موٽروي کي جلد پي ايس ڊي پي (پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام) جو حصو بڻايو ويندو.
You might also like