سنڌ جا قانون دان به درياءُ تان قربان، سنڌوءَ کي رت سان ڀيٽا پيش

 ڄامشورو (ڊ ر) ڄامشورو, ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد جي وڪيلن طرفان سنڌو درياهه کي رت سان ڀيٽا پيش ڪئي وئي. سنڌو درياهه مٿان اڏجندڙ چولستان ڪينال سميت 6 تڪراري ڪينالن خلاف ڄامشوروڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي حيدرآباد, ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي سان تعلق رکندڙ وڪيلن سنڌوءَ جي خالي پيل پيٽ ۾ رت سان ڀيٽا پيش ڪري احتجاج ڪيو.  ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن سنڌوءَ مٿان ڌاڙو نامنظور, ڪينال سمورا نامنظور جهڙا نعرا ڪفن مٿان پنھنجي رت سان لکيا. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ڄامشورو جي صدر ايڊووڪيٽ فھيم انڙ، راجا جواد ساھڙ، اندرجيت لوھاڻو ۽ ٻين چيو ته وفاقي سرڪار سدائين سنڌ دشمن منصوبن کي ھٿي ڏني آھي. پر سنڌ جي ماڻھن کين سنڌ دشمن منصوبن وارا فيصلا واپس وٺڻ تي به مجبور ڪيو آھي. جيڪڏهن ضرورت پئي ته سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ پنھنجو رت وھائي ڇڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.