سڪرنڊ (رپورٽر) سڪرنڊ ۾ نوجوان جو لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.
شاهي بازار ۾ نوجوان جو لاش هٿ آيو ۽ شهرين جي اطلاع تي مڙهه تعلقي اسپتال سڪرنڊ پهچايو ويو.
فوتي نوجوان جي کيسي مان سڃاڻپ ڪارڊ يا سڃاڻپ جي حوالي سان ٻيو ڪو دستاويز هٿ نه آيو، جنهن سبب ان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي ۽ مڙهه کي اسپتال ۾ رکيو ويو.
You might also like