ملڪ ۾ سون هزارين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي قيمتن ۾ اڄ هزارين رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون ٻه هزار رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 18 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 1715 رپين جي لاٿ کانپوءِ 2 لک 72 هزار 633 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون جي قيمت 28 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 3 هزار 10 ڊالر ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.