الله مون کي ڪنهن وڏي مقصد لاءِ جيئرو رکيو آهي: شيخ حسينه واجد

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ عوامي ليگ جي صدر شيخ حسينه واجد سوشل ميڊيا تي پنهنجي ڪارڪنن سان ڳالهائيندي مستبقل جي حڪمت عملي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، شيخ حسينه واجد پنهنهنجي جذباتي گفتگو دوران چيو ته ” الله جيڪڏهن مون کي اڃا تائين جيئرو رکيو آهي ته ان جو ڪو نه ڪو ڪارڻ ضرور آهي.“
اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد وڌيڪ چيو ته اُهو ڏينهن ضرور ايندو جڏهن اسان جي جماعت عوامي ليگ جي ڪارڪنن مٿان ظلم ڪندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
شيخ حسينه واجد عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر محمد يونس کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيوته معمولي قرض ڏئي وڏو منافعو کڻي پرڏيهه ۾ شاهاڻي زندگي گذاريندڙ شخص ڪڏهن به عوام جو خير خواهه نه ٿو ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.