شرجيل ميمڻ ايم ڪيو ايم کي استعيفيٰ ڏئي ٻيهر چونڊ وڙهڻ جو چئلينج ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ ايم ڪيو ايم قيادت کي استعيفيٰ ڏئي ٻيهر چونڊ وڙهڻ جو چئلينج ڏئي ڇڏيو.
جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ايم ڪيو ايم قيادت کي جواب ڏنو ۽ چيو ته ڪجهه ماڻهو وڳوڙ چاهين ٿا.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو هڪ ڌڙو ڪراچيءَ ۾ نفرتون ڦهلائي رهيو آهي، هي ماڻهو ڏڦيڙ چاهين ٿا، اسان ڪنهن به صورت ۾ ائين ٿيڻ نه ڏينداسين.
هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم کي جيڪا ڳالهائڻ ڪرڻي آهي اُها عوامي مينڊيٽ تي ڪري، اسان پنهنجي تڪن ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجي تڪن تان استعيفيٰ ڏين، ٻيهر چونڊ وڙهون ٿا پوءِ ڏسئون ٿا ڪنهن وٽ مينڊيٽ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.