ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ ايم ڪيو ايم قيادت کي استعيفيٰ ڏئي ٻيهر چونڊ وڙهڻ جو چئلينج ڏئي ڇڏيو.
جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ايم ڪيو ايم قيادت کي جواب ڏنو ۽ چيو ته ڪجهه ماڻهو وڳوڙ چاهين ٿا.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو هڪ ڌڙو ڪراچيءَ ۾ نفرتون ڦهلائي رهيو آهي، هي ماڻهو ڏڦيڙ چاهين ٿا، اسان ڪنهن به صورت ۾ ائين ٿيڻ نه ڏينداسين.
هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم کي جيڪا ڳالهائڻ ڪرڻي آهي اُها عوامي مينڊيٽ تي ڪري، اسان پنهنجي تڪن ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجي تڪن تان استعيفيٰ ڏين، ٻيهر چونڊ وڙهون ٿا پوءِ ڏسئون ٿا ڪنهن وٽ مينڊيٽ آهي.
You might also like