لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) بنگلاديش ٽيم جي پاڪستان جي دوري دوران فيصل آباد ۾ ٻه ٽي ٽوئنٽي ميچون ڪرائڻ جي رٿابندي شروع ڪري ڇڏي.
بنگلاديشي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني جي آخر ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ پاڪستان جو دورو ڪندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي سيريز جون ٻه ميچون فيصل آباد ۾ ڪرائڻ جي رٿابندي ڪري رهيو آهي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز جون شروعاتي ٻئي ميچون فيصل آباد ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.
ٽي ٽوئنٽي سيريز جي جاري ڪيل شيڊيول موجب، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچون 25، 27، 30، پهرين مئي ۽ 3 جون تي کيڏيون وينديون.
ياد رهي ته اقبال اسٽيڊيم فيصل آباد ۾ آخري ڀيرو عالمي ميچ 11 اپريل 2008ع ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي هئي.
You might also like