اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ نوَ مئي ڪيسن ۾ ٽرائل ڪورٽ کي چئن مهينن اندر فيصلو ٻڌائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي هيٺ ٽي رڪني بئنچ نوَ مئي جوابدارن جون ضمانتون رد ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت ٻڌڻي کانپوءِ ٽرائل ڪورٽ کي چئن مهينن اندر ڪيسن بابت فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي.
ان موقعي تي هڪ جوابدار جي وڪيل چيو ته چئن مهينن ۾ ٽرائل ڪيئن مڪمل ٿيندو؟ اسان جي خلاف 35 ڪيسن آهن، ان عرصي ۾ ٽرائل مڪمل نه ٿيندو.
چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته مردان ۾ مشال خان قتل جو واقعو ٿيو هو، مان تڏهن پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس هئس، مشال خان ڪيس جو ٽن مهينن اندر ٽرائل مڪمل ٿيو هو، دهشتگردي ٽوڙ واري عدالت پرفارم ڪري سگهي ٿي.
سپريم ڪورٽ جو ٽرائل ڪورٽ کي 9 مئي بابت ڪيسن جو چئن مهينن اندر فيصلو ٻڌائڻ جو حڪم
You might also like