اسلام آباد (مطيع الله جان) سنڌ هاءِ ڪورٽ ارسا جي پاڻي جي دستيابي بابت سرٽيفڪيٽ خلاف اسٽي جاري ڪيو آهي ته 6 ڪئنالن تي وفاقي حڪومت کي ڪم روڪڻو پوندو. قانوندان، اڳوڻو قانون وارو وزير، سينيٽر اعتزاز احسن چوي ٿو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو درست آهي. مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل چوي ٿو ته اسان سنڌو درياهه مان نه پر جهلم ۽ چناب مان پاڻي پيا کڻون ۽ اسان پنجاب جو ئي پاڻي پنجاب ۾ استعمال پيا ڪريون. مان پنجابي هوندي سوال ڪريان ٿو ته جهلم ۽ چناب جو واڌو پاڻي سنڌو ۾ گڏجي سنڌو بڻجي پنجاب ۾ وڃي ٿو ۽ اوهان چناب يا جهلم مان پاڻي کڻندا ته اهو گهٽجي ويندو، اهو چوڻ ته اسان سنڌو درياهه مان پاڻي نه کڻنداسين، ائين ناهي. اوهان پنجاب جي ڪهڙي ضلعي مان پاڻي کڻندا؟ اهي ماڻهو به ڪاوڙجي پوندا. خبر ناهي ڪئنال ڪڍڻ واري صلاح حڪومت کي ڪنهن ڏني آهي، ڇو ته اها ته پاڪستان کي ۽ فيڊريشن کي به نقصان پهچائي سگهي ٿي، هي ڳنڀير معاملو آهي، جيڪڏهن ان منصوبي کي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ پاڻي ڇڏيو ويو ته ان سان نقصان ٿيندو. ڪو چوي ٿو ته ان تي فوج جا ماڻهو مقرر هوندا، فوج کي لڳائي سگهجي ٿو پر ان سان شڪ جنم وٺندا ۽ سنڌي هاري نڪري آيا ۽ هنن روڊ بند ڪري ڇڏيا ۽ پنجاب کي بند ڪري ڇڏيو ته ڪنهن جو فائدو ٿيندو؟ هن چيو ته هي منصوبو نٿو هلي سگهي، ان سان وفاق ڏچي ۾ اچي ويندو، ڀارت ۾ هارين ڪيڏا ڌرڻا هنيا هئا، ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا پر هو ويٺا رهيا، اسان ايتري سٽ نٿا سهي سگهون. حڪمرانن کان غلطي اها ٿي آهي ته هنن ايس آءِ ايف سي کي سي سي آءِ جو متبادل سمجهي ورتو آهي، اهو متبادل ناهي، اوهان کي سي سي آءِ ۾ وڃڻو پوندو، وڃو ته اوهان کي خبر پوي ته صورتحال ڇا آهي، اوهان کي ڪير سپورٽ ڪري ٿو. ڪي پي مان ڪيتري سپورٽ ملي ٿي يا نٿي ملي، بلوچستان مان سپورٽ ملي ٿي يا نٿي ملي. بلوچستان ۾ ڪيترا هٿيار کڻن ٿا، سنڌ ۾ ڪيترا هٿيار کڻن ٿا، اهو ته ڪنهن سوچيو ئي ناهي. سنڌ جي ضرورت پوري ٿيندي ته ملڪ جو فائدو آهي، اهو ڪو فائدو ناهي ته هاري دنگن تي ويهي رهن. صدر زرداري ڪئنالن کي اوڪي نه ڪيو هو ۽ هاڻي پ پ جو جيڪو موقف آهي اهو ئي رهندو، پ پ کي سنڌ ۽ پنجاب ٻنهي سان گڏ هلڻو آهي.