لاهور (ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن بابت وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته هلندڙ سال سرڪاري حج اسڪيم تحت 90 هزار پانڌيئڙا سعودي عرب ويندا.
آچر ڏينهن لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سردار محمد يوسف چيو ته حج اڏامن جي شروعات 29 اپريل کان ٿيندي، پانڌيئڙن لاءِ بهترين انتظام ڪيا پيا وڃن.
هن چيو ته حاجي الله جا مهمان هوندا آهن، اسان چاهيون ٿا ته الله جي مهمانن جي خدمت ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيون، حاجين جي خدمت مذهبي معاملن واري وزارت جي ذميواري آهي.
You might also like