ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ خوشخبري، پي ايس ايل ۾ پهريون ڀيرو مڪمل اردو ڪامينٽري ٿيندي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين ايڊيشن لاءِ ڪامينٽري پينل جو اعلان ٿي ويو.
پي ايس ايل ۾ پهريون ڀيرو مڪمل اردو ڪامينٽري به ٿيندي، اردو ڪامينٽري پينل ۾ طارق سعيد، علي يونس، عقيل ثمر، مرينا اقبال ۽ سلمان بٽ شامل آهن.
ان کانسواءِ انگريزي ڪامينٽري لاءِ انگلينڊ جو اڳوڻو ڪپتان اليسٽر ڪُڪ پهريون ڀيرو پي ايس ايل ڪامينٽري پينل جو حصو هوندو.
آسٽريليا جي وومين ڪرڪيٽر اسٽالڪر به پهريون ڀيرو پي ايس ايل ۾ ڪامينٽري ڪندي، جڏهن ته ڪامينٽري پينل ۾ رميز راجا، وسيم اڪرم، وقار يونس، عامر سهيل، بازيد خان، عروج ممتاز، اطهر علي خان، مارٽن گپٽل، مارڪ نڪولس، ڊومينڪ ڪارڪ، جي پي ڊوميني، مائيڪ هيزمين به شامل آهن.
ايرن هالينڊ ۽ زينب عباس ميچن دوران پريزنٽرز هونديون.
واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ جو ڏهون ايڊيشن 11 اپريل کان 18 مئي تائين جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.