جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) جيڪب آباد ۾ ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد اسپيشل فورس گرائونڊ وٽ ٽي ٻار نالي ۾ ڪِري پيا، جن مان ٻه فوت ٿي ويا.
پوليس موجب علائقي واسين ٽنهي ٻارن کي بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال پهچايو، جتي 12 ورهين جو خدا بخش ۽ 16 ورهين جو ضامن گوپانگ فوت ٿي ويا.
پوليس ٻڌايو ته هڪ ٻار کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو آهي.
You might also like