غوثپور ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، نوجوان مارجي ويو

غوثپور (رپورٽر) غوثپور ڀرسان ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو.
ڳوٺ رئيس محمد حيات اوڳاھي ۾ اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو ۽ ٻنهي ڌرين جي ماڻهن هڪٻئي تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا.
فائرنگ ۾ 17 ورهين جو ظهير پٽ ڏاڏو اوڳاهي مارجي ويو ۽ جوابدار ڪچي ڏانهن فرار ٿي ويا.
مقتول نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.