مستونگ ۾ بي اين پي جو ٽئين ڏينهن به ڌرڻو جاري، اختر مينگل جو عيد ڪارڪنن سان ملهائڻ جو اعلان

مستونگ (ويب ڊيسڪ)بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) مينگل جو مستونگ ۾ لکپاس تي ڌرڻو ٽئين ڏينهن به جاري آهي، پارٽي سربراهه سردار اختر مينگل سوڌو سوين ڪارڪن ڌرڻي ۾ موجود آهن.

سردار اختر مينگل اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجي ڪارڪنن سان گڏ لکپاس تي عيد ملهايندو.

ڌرڻي سبب قومي شاهراهه سميت سموريون لنڪ روڊون بند آهي، لکپاس ٽنل، ڪنڊ ميسوري ۽ اغبرگ وارن رستن تي ڪنٽينرز لڳايا ويا آهن جنهن سبب  ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي..

ڌرڻي سبب مستونگ، قلات، سوراب، خضدار، حب ۽ لسبيلا سميت ڪيترن ئي ضلعن جو هڪٻئي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، جڏهن ته قومي شاهراهه جي بندش سبب هزارين مسافر عيد ملهائڻ لاءِ پنهنجن علائقن ڏانهن وڃڻ ۾ پريشان ٿي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.