واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روسي صدر ولاديمير پيوٽن تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو تمام گهڻو ڪاوڙي آهي.
هي بيان تڏهن سامهون آيو، جڏهن پيوٽن يوڪريني صدر ولاديمير زيلنسڪي جي قيادت تي سوال اٿاريا ۽ يوڪريني علائقن کي عارضي انتظام هيٺ آڻي نيون چونڊون ڪرائڻ جي تجويز ڏني.
ٽرمپ آچر ڏينهن ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن روس يوڪريني جنگ ختم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رنڊڪ وڌي ته آمريڪا روسي تيل تي 25 کان 50 سيڪڙو تائين اضافي ٽيڪس لاڳو ڪندو. هن واضح ڪيو ته جيڪڏهن جنگ بندي نه ٿي ته هڪ مهيني اندر نوان ٽيڪس لڳي ويندا.
ٽرمپ خبردار ڪيو ته جيڪو به روس کان تيل وٺندو، اهو آمريڪا ۾ ڪاروبار نه ڪري سگهندو.
هن اهو به چيو ته هو هن هفتي پيوٽن سان ڳالهائڻ جو ارادو رکي ٿو ۽ تسليم ڪيو ته روسي صدر ڄاڻي ٿو ته هو سخت ڪاوڙيل آهي، پر جيڪڏهن پيوٽن صحيح فيصلو ڪندو ته سندس ڪاوڙ ختم ٿي سگهي ٿي.