ڪراچي (م ڊ) سنڌ آبادگار بورڊ پاران جاري ڪيل تازن انگن اکرن موجب سنڌ ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ کوٽ جون حالتون برقرار آهن. درياهن ۾ ڪُل پاڻي جي آمد 76,600 ڪيوسڪ، جڏهن ته اخراج 76,200 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. سنڌ لاءِ پاڻي جو حصو 35,200 ڪيوسڪ رکيو ويو، پر ارسا پاران رليز ٿيل پاڻي 17,600 ڪيوسڪ رهيو، جيڪو 51 سيڪڙو گهٽتائي ظاهر ڪري ٿو. ڊيمن ۾ مجموعي ذخيرو رڳو 0.107 MAF (0.08%) آهي، جيڪو سخت کوٽ کي ظاهر ڪري ٿو. تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 20,600 ڪيوسڪ، اخراج 20,000 ڪيوسڪ، منگلا ڊيم ۾ آمد 19,027 ڪيوسڪ،اخراج 19,240 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بيئراج ۾ پاڻي جو اخراج رڳو 198 ڪيوسڪ، جيڪو ٺٽي ۽ سامونڊي پٽي لاءِ خطرناڪ صورتحال آهي. سکر بيئراج ۾ پاڻي جي آمد 17,060 ڪيوسڪ، جڏهن ته بلوچستان لاءِ 260 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو. گڊو بيئراج ۾ آمد 20,615 ڪيوسڪ، جڏهن ته بلوچستان لاءِ 1,850 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو.