سنڌ هاءِ ڪورٽ: اسسٽنٽ ڪمشنرن لاءِ ڊبل ڪيبن گاڏين جي خريداري خلاف درخواست رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ اسسٽنٽ ڪمشنرن لاءِ اربين رپين جي 138 ڊبل ڪيبن گاڏين جي خريداري خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي.
عدالت درخواستگذار کان پڇاڻو ڪيو ته ان اسڪيم سان توهان ڪيئن متاثر ٿيا آهيو؟ وڪيل چيو ته درخواستگذار سنڌ اسيمبلي ميمبر آهي، محمد فاروق اسيمبلي ۾ به مخالفت ڪئي هئي.
عدالت سوال ڪيو ته اهو معاملو اسيمبلي ۾ ڪيئن ويو؟ درخواستگذار ٻڌايو ته هن اسيمبلي ۾ گاڏين جي خريداري خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو هو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سوال ڪيو ته ڊبل ڪيبن گاڏيون خريد ڪيون وينديون ته شهري جي حيثيت سان توهان ڪيئن متاثر ٿيندئو؟ درخواستگذار جواب ڏنو ته لگزري گاڏين بدران 1000 سي سي گاڏيون خريد ڪيون وڃن ته جيئن عوامي مفاد ۾ بهتر فيصلا ٿي سگهن، عوام جا بنيادي حق متاثر ٿي رهيا آهن.
عدالت سوال ڪيو ته ڪهڙا حق متاثر ٿي رهيا آهن ۽ ڪهڙي قانون جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي؟ درخواستگذار عدالت کان وقت گهريو ته جيئن هو رولز ۽ پاليسي جي ڀڃڪڙي جا تفصيل فراهم ڪري سگهي پر عدالت چيو ته وقت نٿا ڏئي سگهون، اڳ ئي ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي.
ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ دليل ڏنا ته اهي گاڏيون لگزري ناهن پر ضروري آهن ته جيئن آفيسر پنهنجون ذميواريون بهر طريقي سان انجام ڏئي سگهن، گاڏين لاءِ فنڊن جو غلط استعمال نه پيو ڪيو وڃي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن وٽ اهم ذميواريون هونديون آهن.
ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته آخري ڀيرو 2010 ۽ 2012 ۾ گاڏيون خريديون ويون هيون ۽ ان وقت سوزوڪي ڪلٽس جي سراسري عمر 6 سال يا هڪ لک 60 هزار ڪلو ميٽر هئي، جڏهن ته ڪيتريون ئي گاڏيون پنهنجو مدو پورو ڪري چڪيون آهن.
پوءِ عدالت درخواست رد ڪندي سنڌ حڪومت جي جواب کي تسليم ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.