اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ احتجاج ڪرڻ چاهي ٿي ته ضروري ڪري، انهن جيئن اڳ ۾ ٽي ڀيرا اسلام آباد تي حملو ڪيو، اهڙي ڪاهه ۽ احتجاج نه ٿيڻ گهرجي.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ وارن کي به عيد مبارڪ هجي، احتجاج ڪرڻ بنيادي حق آهي ۽ پي ٽي آءِ به ڀلي احتجاج ڪري انهن ٽي ڀيرا اسلام آباد تي حملو ڪيو، هن ڀيري ڪاهه نه ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته ماڻهن کي عيد جون خوشيون ملهائڻيون آهن، تنهن ڪري امن به گهرجي، امن ضروري آهي.
You might also like