ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪارساز روڊ تي ڪار جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار مڙس ۽ زال فوت ٿي ويا.
ريسڪيو اختيارين موجب فوتي مرد جي عمر 30 سال ۽ عورت جي عمر 25 سال آهي، حادثي کانپوءِ موقعي تي موجود شهرين ڪار ڊرائيور کي پڪڙي ورتو.
مڇريل شهرين ڊرائيور کي تشدد جو نشانو بڻايو ته پوليس پهچي کيس پنهنجي تحويل ۾ ورتو.
You might also like