لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي تعليمي ادارن ۾ عيدالفطر جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو.
سيڪريٽري اسڪول آف پنجاب خالد وٽو موجب سرڪاري اسڪول 28 مارچ کان 6 اپريل تائين بند رهندا، جڏهن ته سرڪاري اسڪولن ۾ 4 اپريل تي سالياني نتيجن جو اعلان ڪيو ويندو.
هن ٻڌايو ته 7 اپريل کان نئين تعليمي سال جي شروعات ٿيندي ۽ شاگرد نين جماعتن ۾ ويندا.
You might also like