سرڪاري ملازمن جون عيد جون خوشيون ٻيڻيون، 8 موڪلن جا مزا ماڻيندا!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عيدالفطر تي سرڪاري ملازمن جا ٺٺ ٿي ويا، ڇو ته کين 3 نه پر 8 موڪلون ملنديون.
سنڌ حڪومت طرفان 4 اپريل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي عام موڪل جي اعلان کانپوءِ سرڪاري ملازمن جون عيد جون خوشيون ٻيڻيون ٿي ويون.
سنڌ حڪومت طرفان ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته سرڪاري ملازمن کي عيد تي 29 مارچ کان 6 اپريل تائين 8 موڪلون ملنديون سواءِ 3 اپريل جي.
حڪومت 31 مارچ کان 2 اپريل تائين عيدالفطر جي موڪلن جو اعلان ڪيو آهي پر ان کان اڳ ڇنڇر ۽ آچر جي موڪل اچي رهي آهي، جڏهن ته جمعي تي 4 اپريل کانپوءِ وري 5 ۽ 6 اپريل تي ٻه هفتيوار موڪلون اچي رهيون آهن ۽ سرڪاري ادارا 7 اپريل کان ٻيهر کلندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.