اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف رمضان رليف پيڪيج جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ پرائم منسٽر رمضان رليف پيڪيج 2025 جي حوالي سان جائزي لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته هيل تائين 63 سيڪڙو حقدارن کي رقم پهچائي وئي آهي.
ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پيڪيج ۾ پيسا حقدارن تائين ڊجيٽل والٽ ذريعي پهچايا پيا وڃن، رمضان پيڪيج سڄي پاڪستان لاءِ آهي، پيڪيج کي شفاف بڻائڻ لاءِ اسٽيٽ بينڪ، نادرا ۽ ٽيڪ ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
اجلاس دوران وزيراعظم هدايت ڪئي ته رمضان رليف پيڪيج جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائي وڃي.
Prev Post
You might also like