سنڌوءَ جي بقا جي جنگ پيو وڙهان، عوام جو ساٿ گهرجي :جونيئر ذوالفقار

حيدرآباد(رپورٽر) شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو فرزند جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو مختصر دوري تي حيدرآباد پهتو ۽ هن پ پ پ شھيد ڀٽجي صوبائي اڳواڻ ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي ويجھي ساٿي عبدالمجيد سيال سان سندس ڀاءُ جي وفات تي تعزيت ڪئي. جونيئر ذوالفقار شھيد ڀٽو جي صوبائي اڳواڻن مجيد سيال جي گهر تي افطار ڪري هن ڪارڪنن سان سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ واري معاملي تي تفصيلي ڳالھه ٻولهه پڻ ڪئي. ان موقعي تي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته سنڌو درياهه جي بقا جي جنگ وڙھي رھيو آھيان. جنھن ۾ سموري سنڌ جي عوام جو ساٿ گھرجي ٿو. ڪئنال سنڌ لاءِ موت آھن. هن اعلان ڪيو ته ڪئنالن خلاف جدوجھد کي وڌيڪ تيز ڪندس. شھيد ڀٽو جا ڪارڪن منھنجا ساٿي آھن. پارٽي ۾ وڌيڪ نوجوانن کي آڻي پارٽي کي مضبوط ۽ سگھارو ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.