ڪوئيٽا/اسلام آباد (امتياز گل) پنجگور يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر مير سادات بلوچ چيو ته اڳوڻي آرمي چيف پرويز مشرف چيو هو ته هو نواب اڪبر بگٽي سان ڳالهيون ڪري مسئلن جو پرامن حل ڪڍندو پر بلوچستان جا ئي ڪي ماڻهو وٽس ويا ۽ چيو ته هو ته رڳو هڪ نواب آهي، اسان هيترا ماڻهو موجود آهيون ته اسان بلوچستان جو ذمو کڻو ٿا، اڪبر بگٽي جڏهن سوئي ايئرپورٽ تي انتظار ڪري رهيو هو ته کيس اهو چيو ويو ته جهاز خراب ٿي رهيو آهي ۽ اوهان کي نٿا وٺي وڃي سگهون، معاملا اتان کان خراب ٿيڻ شروع ٿيا. جيڪي ماڻهو مشرف وٽ ويا هئا اهي ماڻهو پاڻ بلوچستان ۾ نه ويٺا هئا، کين حالتن جي خبر نه هئي، اهو ئي سبب آهي ته جڏهن هنن ذميواري کنئي ته مسئلا شروع ٿيا ۽ اڄ هي حالتون آهن. 30 کان 35 سالن کان 60 کان 70 سيڪڙو ساڳيا ماڻهو آهن جيڪي اسيمبلين ۾ اچي رهيا آهن ۽ مسئلن کي ڏسي رهيا آهن، اهي سڀ ناڪام ٿي چڪا آهن، پهريان ته ڪير بلوچستان جي مسئلي تي ڳالهائيندو نه هو، جعفر ايڪسپريس سانحي تي هاڻي اسيمبلي ۾ ڳالهايو ويو پر پوءِ به رڳو بليم گيم آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ مختلف قوتون آهن پر انهن ۾ رهندي ئي وچ جو رستو ڪڍڻو آهي. اهو تجربو ڪيو ويو ته پ پ ۽ ن ليگ کي بلوچستان ۾ حڪومت ڏجي ته مرڪز سان گڏجي هلن پر پوءِ به سياستدان محدود سوچ کان اڳتي نڪري نه سگهيا. 2008 ۾ ته قومپرست پارٽين اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. نوجوانن کي توڻي جو گهڻو شعور ناهي پر کين اهو صاف نظر اچي ٿو ته اهي سياستدان جيڪي موٽرسائيڪل تي هوندا هئا اهي 40، 40 گاڏين سان گهمن ٿا، سندن چوڻ آهي ته اسان کي دبئي جهڙو نه بڻايو پر بنيادي شيون ته ڏيو. ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ بابت ڳالهائيندي هن چيو ته سندس موقف گم ٿيل ماڻهن تي ٻڌل آهي ۽ اهو اهم معاملو آهي، هو ان معاملي کانسواءِ نٿي ڳالهائي پر ماڻهو جذباتي طور تي ساڻس ڳنڍيل آهن، هن وقت حڪومتي رٽ تي سڀ ڪو سوال ڪري رهيو آهي، جهڙي نموني حڪومتي رٽ قائم ڪئي پئي وڃي ڇا ان جا سٺا نتيجا نڪرندا؟ ماڻهن ۾ خوف آهي، هڪڙا ڌرڻن تي ويٺا آهن ته ٻيا اهي ماڻهو آهن جيڪي هر معاملي کان ڌار آهن، کين ڪم تي وڃڻو آهي، سفر ڪرڻو آهي، ڪمائڻو آهي ۽ گهر کڻي وڃڻو آهي، عيد اچي رهي آهي پر بازارن ۾ عيد جهڙو ڪو ماحول ناهي. عام بلوچ ٻنهي پاسن کان ڊنل آهي، کين سمجهه ۾ نو اچي ته هو رياست جي پاسي وڃن يا ماهه رنگ ۽ ٻين جي پاسي وڃن، ڇا رياست کين تحفظ ڏئي سگهندي يا ٻئي پاسي وڃڻ سان حالتون بهتر ٿينديون؟ اهو سندن ذهن ۾ وڏو سوال آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ کان اڳ اهڙو ماحول ٺاهڻ گهرجي جيئن اوهان کي سپورٽ ملي سگهي، جيڪي پاڪستان کان ٻاهر ويٺا آهن اوهان انهن کي ڇڏيو، جيڪي پاڪستان ۾ ويٺا آهن اوهان انهن سان ته پهريان ڳالهايو. جيڪڏهن اوهان اختر مينگل يا ماهه رنگ سان نٿا ڳالهائڻ چاهيو ته بلوچستان جي عوام سان ته ڳالهائي سگهو ٿا؟ عام عوام ڇا چاهي ٿو؟ عوام چاهي ٿو ته روڊ بند نه ٿين، ڪاروبار متاثر نه ٿئي ۽ اسان کي ٻارن جو مستقبل محفوظ نظر اچي پر عام عوام کي ڪجهه نظر نٿو اچي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ڪم هوندو آهي امن کڻي اچڻ، امن کي برقرار رکڻ جو ڪم سياستدان جو هوندو آهي. 2010 کان 2023 تائين حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي ويون هيون پوءِ لا انفورسمينٽ ايجنسين ڪجهه حد تائين ضابطو آندو پر پوءِ عوام کي انگيج رکڻ سياستدانن جو ڪم هو، هتي هفتي کان روڊ بند هجي ته ڌرڻو هڻندڙن سان اوهان جو سياستدان ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي. اسان اهو سمجهندا آهيون ته اهو ئي وڃي ڳالهائي جيڪو پاور ۾ آهي، پر حقيقت ۾ اهو سڀني جو ڪم آهي. هاڻي اها ڳالهه ناهي رهي ته ماهه رنگ جي طاقت ڪيتري آهي، اسان کي انهن ڳالهين کان نڪرڻ گهرجي، سوال اهو آهي ته حڪومت جي رٽ ڪيتري آهي؟ عوام سان ڪيتري حد تائين لاڳاپيل آهي؟ رياست طرفان عوام کي ڪيتري اهميت ملي آهي؟ اهو ڏسڻ گهرجي ته هيتري وقت کان بلوچستان ۾ اربين رپيا لڳا، هيترا لا انفورسمينٽ ايجنسين جا ماڻهو شهيد ٿيا، هتي هر ڪو نقصان ۾ آهي، سواءِ اسان جي سياستدانن جي.