پاڪستان مان پوليو جو خاتمو خواب بڻجي ويو، چئني صوبن جي سيمپلز ۾ وائرس جي تصديق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مان پوليو وائرس جو خاتمو خواب بڻجي ويو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر چئني صوبن جي سيوريج سيمپلز ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي.
ذريعن موجب ريجنل ريفرنس ليب 18 ضلعن جي سيمپلز ۾ پوليو وائرس جي تصديق ڪئي آهي، سيوريج لائنز جي سيمپلز ۾ وائلڊ پوليو وائرس ون جي نشاندهي ٿي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليو ٽيسٽ لاءِ ماحولياتي نمونا 21 فيبروري کان 6 مارچ تائين ورتا ويا، سنڌ جي 12، پنجاب جي 2، خيبر پختونخواهه جي 2 ضلعن جا سيمپلز پوليو پازيٽو آهن، اسلام آباد ۽ بلوچستان جي به هڪ ضلعي جا سيمپلز پوليو پازيٽو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.