ٽرمپ جي حلف کڻندي ئي استعيفيٰ ڏيندڙ عورت اٽارني جنرل جو پراسرار موت

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڊونلڊ ٽرمپ طرفان عهدو سنڀاليندي ئي استعيفيٰ ڏيندڙ اڳوڻي اٽارني جنرل جيسيڪا ابر پراسرار نموني فوت ٿي وئي، هوءَ پنهنجي رهائشگاهه تي مئل حالت ۾ هٿ آئي.
43 ورهين جي جيسيڪا ڊي ابر 2021 کان 2025 تائين اوڀر ضلعي ورجينيا لاءِ آمريڪي اٽارني طور ڪم ڪيو، سندس مقرري اڳوڻي صدر جو بائيڊن ڪئي هئي ۽ هوءَ 20 جنوري تائين خدمتون انجام ڏيندي رهي.
پوليس ڊپارٽمينٽ ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ ابر جي موت جي تصديق ڪندي چيو ته کين صبح 9 لڳي 18 منٽن تي هڪ اڻڄاتل ڪال وصول ٿي، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.