واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڊونلڊ ٽرمپ طرفان عهدو سنڀاليندي ئي استعيفيٰ ڏيندڙ اڳوڻي اٽارني جنرل جيسيڪا ابر پراسرار نموني فوت ٿي وئي، هوءَ پنهنجي رهائشگاهه تي مئل حالت ۾ هٿ آئي.
43 ورهين جي جيسيڪا ڊي ابر 2021 کان 2025 تائين اوڀر ضلعي ورجينيا لاءِ آمريڪي اٽارني طور ڪم ڪيو، سندس مقرري اڳوڻي صدر جو بائيڊن ڪئي هئي ۽ هوءَ 20 جنوري تائين خدمتون انجام ڏيندي رهي.
پوليس ڊپارٽمينٽ ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ ابر جي موت جي تصديق ڪندي چيو ته کين صبح 9 لڳي 18 منٽن تي هڪ اڻڄاتل ڪال وصول ٿي، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
You might also like