اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير امير مقام چيو آهي ته دهشتگرد پاڻ حڪومت ۾ هوندا ته دهشتگردي ڪيئن ختم ٿيندي؟
پنهنجي بيان ۾ امير مقام چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مڙهيل حڪومت کان ڇوٽڪارو پهريون شرط آهي، ڇو ته دهشتگرد پاڻ حڪومت ۾ هجن ته دهشتگردي ڪيئن ختم ٿيندي؟
هن چيو ته علي امين گنڊاپور صوبي کي الله جي حوالي ڪري پاڻ اسلام آباد ۾ آرام ڪري رهيو آهي، وڏي وزير ۽ سندس صلاحڪارن کي بيانن، اعلانن ۽ مشهوري مان فرصت ئي نٿي ملي.
سندس چوڻ هو ته وڏي وزير ۽ صلاحڪارن کي صوبي ۽ عوام بدران اڊيالا جيل جي قيدي جي ڳڻتي آهي، علي امين گنڊاپور هدايتن لاءِ اڊيالا جيل جي در تي ويٺو هوندو ته صوبو ڪيئن هلندو؟
Next Post
You might also like