ماهه رنگ بلوچ ڌرڻي مان گرفتار، بلوچستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڦيٿا جام ۽ شٽربند هڙتال

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي (بي واءِ سي) دعويٰ ڪئي آهي ته پوليس اڄ صبح ڪوئيٽا ۾ لاشن سان گڏ ڌرڻو هڻندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو آهي.
بي واءِ سي جي اپيل تي ڪوئيٽا، مستونگ، قلات، خضدار، چاغي، نوشڪي، واشڪ، تربت، پنجگور سميت بلوچستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڦيٿا روڪ ۽ شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي آهي.
بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي احتاجين ۽ پوليس ۾ جهڙپن جي نتيجي ۾ ڪوئيٽا ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي، جڏهن ته شهر ۾ موبائل فون نيٽ ورڪس مڪمل طور بند آهن.
جمعي تي ڪوئيٽا ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي طرفان اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي هئي ۽ پوليس طرفان احتجاجين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڪوششن کانپوءِ ڇڪتاڻ شروع ٿي.
بي واءِ سي جو الزام آهي ته پوليس احتجاج ڪندڙن تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، جڏهن ته پوليس فائرنگ جي ترديد ڪئي آهي.
بي واءِ سي سربراهه ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جي قيادت ۾ جمعي جي رات لاش سرياب روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو ويو هو.
بلوچ يڪجهتي ڪميٽي اڳواڻ صبيحه بلوچ دعويٰ ڪئي آهي ته اسان لاش رکي ڌرڻو هنيو هو، صبح 5 وڳي ٻيهر ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو ۽ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس لاش به پاڻ سان گڏ کڻي وئي.
هوڏانهن صوبائي حڪومت جي ترجمان شاهد رند دعويٰ ڪئي ته احتجاجين جي پٿراءَ ۽ تشدد ۾ عورت ۽ مرد پوليس اهلڪارن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿيا، اهو پتو لڳايو پيو وڃي ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي ڪنهن جا مڙهه روڊ تي رکي احتجاج ڪيو، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين ۽ حڪومت خاموش تماشائي بڻجي نٿي ويهي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.