ڪوئيٽا ۾ ريڊ زون سيل، ٽرين سروس اڃا تائين معطل، موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس به بند

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ جعفر ايڪسپريس تي حملي کانپوءِ ڪوئيٽا مان ٽرين سروس اڃا تائين معطل آهي، جڏهن ته انٽرنيٽ بندش جو اڄ ٽيون ڏينهن آهي، ان کانسواءِ ڪوئيٽا ۾ ريڊ زون به سيل ڪيو ويو آهي.
سيڪيورٽي خدشن جي بنياد تي ڪوئيٽا ۾ موبائل فون سروس بند ڪئي وئي آهي، جڏهن ته شهر ۾ موبائل انٽرنيٽ سروس اڳ ئي بند آهي، جنهن سبب شهري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
هوڏانهن ڪوئيٽا ۾ ريڊ زون به سيل ڪيو ويو آهي ۽ رستن کي ڪنٽينر بيهاري بند ڪيو ويو آهي.
اڄ يارهين ڏينهن به ڪوئيٽا کان اندرون ملڪ لاءِ ٽرين سروس بحال ناهي ٿي سگهي، ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته جعفر ايڪسپريس سانحي کانپوءِ ڪوئيٽا کان ٽرين سروس معطل آهي پر چمن پيسينجر ٽرين معمول موجب هلي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.