راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد پوليس راولپنڊي مان گرفتار پي ٽي آءِ جي 59 سرگرم ڪارڪنن جي گرفتاري گهري ورتي.
راولپنڊي ۾ 29 ڪيسن ۾ گرفتار ڪارڪن اسلام آباد جي 8 ٿاڻن ۾ به نامزد آهن، جنهن لاءِ اسلام آباد جي 8 ٿاڻن جي پوليس سندن گرفتاري لاءِ عدالت پهچي وئي.
پوليس طرفان راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت ۾ حوالگي ۽ گرفتاري جون درخواستون ڏنيون ويون آهن.
عدالت ڪارڪنن جي حوالگي جي درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪري فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
واضح رهي ته راولپنڊي پوليس انهن ڪارڪنن کي 29 ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو آهي ۽ نيون درخواستون داخل ٿيڻ کانپوءِ هاڻ ضمانتن جي منظوري باوجود انهن ڪارڪنن جي آزادي غير يقيني ٿي وئي آهي.
You might also like