ممبئي (ويب ڊيسڪ) ماضيءَ ۾ ڪيئي بالي ووڊ اسٽارز سان ڪم ڪندڙ جرمن هدايتڪار مشيل سلمان خان جي پيشيواراڻي رويي تي تنقيد ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته هو سيٽ تي 7، 7 ڪلاڪ انتظار ڪرائيندو هو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، جرمن ھدايتڪار مشيل سلمان خان سميت ڪيترن ئي فلمسازن ۽ اداڪارن سان گڏ ڪم ڪري چڪي آهي ۽ هن 10 سال ڀارت ۾ به گذاريا آهن.
ڊائريڪٽر مشيل هڪ ڊاڪيومينٽري فلم ۾ سلمان خان سان ڪم ڪرڻ جو اڻ وڻندڙ تجربو شيئر ڪندي چيو ته ھن ڪيترن ئي مشهور شخصيتن سان ڪم ڪيو، پر انهن مان ڪن جي پروفيشنل مهارتن تي سوال اٿن ٿا، جنهن سلمان خان به شامل آھي جيڪو سيٽ تي ست، ست ڪلاڪ دير سان ايندو ھو، پوءِ اسان سکيو ته جڏهن به هن جي شوٽنگ ھوندي ھئي، ٻيو ڪم به گڏ کڻي ويندا ھئاسين، ڇو ته ڄاڻون پيا ته سڄو ڏينهن اتي ويهڻو پوندو.
مشيل جو چوڻ هو ته شاهه رخ خان سان ڪم ڪرڻ جو تجربو سٺو رهيو، هن وڌيڪ چيو ته شاهه رخ کي ڊاڪيومينٽري لاءِ ڊائريڪٽ ڪيو، هو هڪ بهترين انسان آهي.
جرمن هدايتڪار موجب، عاليه ڀٽ سان هڪ اشتهار لاءِ به ڪم ڪيو، سندس چوڻ هو ته "هوءَ انتهائي ٿڌي مزاج واري اداڪارا ۽ پنهنجي شعبي سان ڪميٽيڊ آهي.