سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 25 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
ڪنٽرول روم انچارج موجب، 2022 ۾ سنڌو درياءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 40 سيڪڙو هئي، جڏهن ته سکر بئراج تي 25 سالن دوران وڌ کان وڌ 53 سيڪڙو پاڻي گهٽ رهيو.
هاڻ صورتحال اڃان به خراب ٿي ويئي آهي ۽ سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 52 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آھي، جڏهن ته سکر بئراج تي پاڻيءَ جي کوٽ جو رڪارڊ 69 سيڪڙو تائين وڃي پهتو آھي .
گڊو ۽ سکر بئراج تي پاڻيءَ جي سطح انتهائي گهٽجي وئي آهي، جيڪا انتظاميا لاءِ ڳڻتيءَ جو سبب بڻجي وئي آهي.
ڪنٽرول روم انچارج جو چوڻ آهي ته سنڌو درياءَ ۾ ايتري گهٽتائي اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي وئي، پاڻيءَ جي گهٽتائي سبب ڪئنالن ۾ پاڻي ڇڏڻ جو نظام به درهم برهم ٿي ويو آهي.
گڊو بئراج تي پاڻيءَ جي سطح 20 هزار، جڏهن ته سکر بئراج وٽ رڳو 15 هزار ڪيوسڪ تائين رهجي وئي آهي.
سکر ۽ دادو ڪئنال مڪمل طور سڪي ويا آهن، جڏهن ته بيگاري ڪئنال ۾ به چئني پاسي خشڪ زمين نظر اچي رهي آهي.
You might also like