پاڪستان ۽ سعودي عرب سميت ڪيترن ئي اسلامي ملڪن ۾ عيد هڪ ئي ڏينهن ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي عرصي کانپوءِ پاڪستان سميت سعودي عرب ۽ ٻين اسلامي ملڪن ۾ هڪ ئي ڏينهن عيد ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي.
عالمي فلڪياتي مرڪز اڳڪٿي ڪئي آهي ته سعودي عرب ۽ ٻين اسلامي ملڪن ۾ 29 مارچ تي شوال جو چنڊ نظر اچڻ ناممڪن هوندو، اڪثر ملڪن ۾ رمضان جو مهينو 30 ڏينهن جو هوندو، جيڪڏهن ائين ٿيو ته سعودي عرب ۽ ٻين اسلامي ملڪن ۾ عيد سومر 31 مارچ تي ٿيندي.
هوڏانهن فلڪياتي ماهرن ۽ موسميات کاتي پاڪستان ۾ رمضان 29 ڏينهن جو ٿيڻ ۽ شوال جو چنڊ 30 مارچ تي نظر اچڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
جيڪڏهن اها اڳڪٿي درست ثابت ٿي ته وڏي عرصي کانپوءِ پاڪستان ۾ سعودي عرب ۽ ٻين اسلامي ملڪن سان گڏ عيد ملهائي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.