ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) جي يو آءِ اڳواڻ مولانا علامه راشد محمود سومرو صوبائي صدر مولاناعبدالقيوم، محمد صالح انڍهڙ،مفتي سعود افضل، حافظ عبدالحميد مهر، اسامه هاليجوي سان گڏ سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته صوبائي مجلس عامله جي آن لائن ٿيل اجلاس جي فيصلي موجب اڄ سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ پريس ڪانفرنسون ڪري، سنڌ ۾ امن خراب آھي سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ رات جو سفر نه ٿو ڪري سگهجي نئون ديرو جيڪو پ پ جو شھر آھي ڏينهن ڏٺي جو هندو برادري مٿان حملا ٿين ٿا جيڪڏهن آواز بلند ڪيو ٿو وڃي ته ان خلاف ڪاروئي ٿي ڪئي وڃي، هن چيو ته ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جو عوام اوهان جي وس ۾ ناهي رهيو جيڪڏهن سنڌو درياهه تي غير قانوني ڪنال ڪڍيا ويا ته سنڌ جو عوام به باغي ٿيندو، ڪالاباغ ڊيم خلاف جي يو آءِ فتوا ڏني هئي ۽ هاڻي سنڌو درياھ تي غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف به فتويٰ چئن مهينن جي مسلسل محنت بعد مختلف ديني مدرسن جي عالمن فتويٰ ڏني آھي هن چيو ته ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي جو ڦڙو ئي ناهي سجاول ۽ ٻين علائقن جا آبادگار خريف جي پوکي لاءِ سخت پريشان آھن، هن چيو ته 6 اپريل تي گڊو، سکر بئراج، خيرپور لاڙڪاڻو پل، دادو مورو پل، ٺٽو سجاول پل سميت سنڌو درياھ مٿان ٺاهيل سنڌ جي سمورين پلن تي ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو سنڌ اسيمبلي ۾ ڪئنالن خلاف منظور ٿيل قرار داد جي آجيان ڪيون ٿا ڀاڳين جي سجاڳي سبب مجبور ٿيا، سياست ۾ دروازا بند ناهن ٿيندا، ان موقعي تي قاري لياقت علي مغل، مفتي اعظم مهر۔امان الله سکروي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا،هوڏانهن جميعت علماءِ اسلام ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري محبت کهڙو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هن وقت ۾ سنڌ جي اندر ڪئنالن جو مسئلو هلي رهيو آهي ان تي سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي، هوڏانهن جي يو آءِ ضلعي حيدرآباد جي صدر مولانا تاج محمد ناهيون حيدرآباد پريس ڪلب ۾ خالد حسن ڌامراھ، مولانا بشير احمد جمالي، اعظم جهانگيري ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شرعي حڪم موجب درياھ تي سڀ کان پهريان پڇڙي وارن جو حق هوندو آهي، ان لاءِ جمعيت جي علماءِ ڪرام نون ڪينالن خلاف فتويٰ ڏئي چڪا آھن. هن چيو ته سنڌ درياھ تي 6 نوان ڪينال ٺھڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي،هوڏانهن ٺٽي جي اڳواڻن مولانا سليم عاطف چانڊيو، مولانا عبدالوھاب بلوچ، مولوي ارشد ميمڻ، مولانا عبدالله ناھيون ۽ ٻين پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گرين پاڪستان ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن