ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ عيدالفطر تي واڌو ڀاڙو وٺندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
هڪ بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته عيد جي موقعي تي عوام کي واڌو مالي ٻوجهه کان بچائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، ڪنهن کي به عوام جو استحصال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
سينيئر صوبائي وزير ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ ڪمشنرن کي واڌو ڀاڙو وٺندڙن خلاف ترت ايڪشن جي هدايت ڪندي چيو ته اهڙن ماڻهن تي ڏنڊ لڳايو ويندو ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته ٽرانسپورٽ مالڪن کي مقرر ڪيل ڀاڙي تي عمل يقيني بڻائڻو پوندو، جيڪڏهن ڪو ٽرانسپورٽر واڌو ڀاڙي وٺي ته عوام ترست شڪايت داخل ڪرائي.