ايپل جو انوکو آءِ فون، واهپيدارن جا هوش اُڏي ويندا

آءِ فون 17 سيريز سيپٽمبر 2025 ۾ متعارف ٿيڻ جو امڪان آهي، پر ان حوالي سان ليڪس جو سلسلو جاري آهي.
هڪ نئين رپورٽ ۾ ڄاڻايل آءِ فون سيريز جي چئن ماڊلز جي امڪاني ڊيزائن تي ٻڌل ڊمي ماڊلز جون تصويرون جاري ڪيون ويون آهن.
ليڪ ۾ آءِ فون 17، آءِ فون 17 ائير، آءِ فون 17 پرو ۽ آءِ فون 17 پرو ميڪس جي ڊمي ماڊلز جون تصويرون شامل آهن، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته آءِ فون 17 ائير ٻين ماڊلز جي ڀيٽ ۾ بلڪل سنهڙو هوندو.
رپورٽ موجب، آءِ فون 17 ائير 6.6 انچ جي ڊسپلي سان ليس هوندو، جڏهن ته آءِ فون 17 پرو ۾ 6.3 انچ ۽ آءِ فون 17 پرو ميڪس ۾ 6.9 انچ جي ڊسپلي هجڻ جو امڪان آهي.
بلومبرگ جي رپورٽ موجب، آءِ فون 17 ائير جي ٿولهه رڳو 5.5 ملي ميٽر هوندي ۽ ان جي پوئين پاسي رڳو هڪ ڪئميرا هوندي.
فون ۾ ايپل جي اي 19 چپ شامل هوندي، جڏهن ته قيمت اٽڪل 900 ڊالرن جي لڳ ڀڳ هجڻ جو امڪان آهي.
رپورٽ موجب، هي ايپل جو پهريون اهڙو فون هوندو جنهن ۾ ڪا به پورٽ نه هوندي ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ته هي دنيا جو پهريون پورٽ فري ۽ سڀ کان سنهڙوسمارٽ فون هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.