اسلام آباد پوليس سنگين ڏوهن ۾ ملوث 38 اشتهاري گرفتار ڪري ورتا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد پوليس سنگين ڏوهن ۾ ملوث 38 اشتهاري جوابدار گرفتار ڪري ورتا.
ڊي آءِ جي جواد طارق غير قانوني هٿيار رکندڙن، منشيات فروشن ۽ اشتهارين خلاف ڪريڪ ڊائون جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.
هن ٻڌايو ته اسلام آباد پوليس ٻن هفتن ۾ 174 جوابدار گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيا، جڏهن ته سنگين ڏوهن ۾ ملوث 38 اشتهاري جوابدار به گرفتار ڪيا ويا آهن.
سندس موجب غير قانوني هٿيارن خلاف جاري مهم ۾ 83 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن، جن وٽان 69 پسٽل، 6 بندوقون، ميگزين ۽ وڏي انگ ۾ ايمونيشن برآمد ٿيا.
ڊي آءِ جي وڌيڪ چيو ته 53 منشيات فروش گرفتار ڪيا ويا، جن وٽان 20 ڪلو کان وڌيڪ هيروئن، 11 ڪلو کان وڌيڪ چرس، ٻه ڪلو کان وڌيڪ آئس، 165 شراب جون بوتلون برآمد ٿيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.