ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عورتن لاءِ پنڪ بس کان پنڪ ٽيڪسي به اچي وئي، سنڌ حڪومت عورتن لاءِ پنڪ ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ يلو لائين بي آر ٽي جي جاري تعميراتي ڪم جو دوري دوران ميڊيا سان عورتن لاءِ خاص سفري سهولتن بابت ڳالهائيندي چيو ته پنڪ اسڪوٽر ملازمت ڪندڙ عورتن کي مفت فراهم ڪيو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته پنڪ ٽيڪسي سروس پڻ جلد متعارف ڪرائي پئي وڃي، جنهن سان عورتن کي پرسڪون ۽ محفوظ سفري سهولتون ملنديون.
You might also like