ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راندين واري وزير محمد بخش مهر چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان ٽيم جي ڪارڪردگي تي سوال اُٿارنيدي چيو آهي ته جيڪڏهن قومي ڪرڪيٽر نھاري ۽ حليم کائيندا ته ڪيئن سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري سگھندا؟
صوبائي وزير محمد بخش مهر ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ٽائون ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو رمضان ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي تي پوري قوم مايوس آهي ۽ ان جي سڌاري لاءِ وڏي محنت جي ضرورت آهي.
هن مزاحيه انداز ۾ چيو ته ڪرڪيٽ منهنجي دائري اختيار ۾ ناهي، پر لڳي ٿو هاڻي مون کي ئي ڪرڪيٽ لاءِ ڪجهه ڪرڻو پوندو.
سردار محمد بخش مهر ڪورنگي ۾ ٿيل ايونٽ بابت ڳالهائيندي چيو ته هن ٽورنامينٽ ۾ موجود ڪجهه بالرن کي مان پنچ ڇڪا هڻي سگهان ٿو جڏهن ته ڪجهه اهڙا بيٽر آهن جن آرام سان پويلين جو رستو ڏيکاري سگهان ٿو.
راندين واري صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت سنڌ رانديگرن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ميدانن جي تعمير ۽ رانديگرن جي تربيت تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي.